ڀلارو ڀٽ ڌڻي - ڪتاب

ڀلارو ڀٽ ڌڻي - ڪتاب

ڀلارو ڀٽ ڌڻي

ڀلارو ڀٽ ڌڻي (ڪتاب ):هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ جي نالي وارو شاعر ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ آهي، هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر، شاعري ۽ پيغام تي سنڌ جي 20 ناميارن اسڪالرن جا شاهڪار مقالا سهيڙيا ويا آهن. جن ۾ علامه دائود پوٽي، جناب ي. ڪي بروهي، ايڇ. ٽي. سورلي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محترم عثمان علي انصاري، پير علي محمد راشدي، مخدوم امير احمد، عبدالڪريم لغاري، سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سيد حسام الدين راشدي، پروفيسر لطف الله بدوي، حافظ احسن چنا، احمد خان آصف، رشيد احمد لاشاري، مير شفيع احمد علوي ۽ احسان بدويءَ جا نالا شامل آهن. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو آهي. 172 صفحن تي مشتمل ڪچي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 40 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو